دادو: دادو جي خانگي اسپتال ۾ انجيڪشن لڳڻ بعد پيرسن عورت فوت ٿي وئي، لاش نه کڻي وڃڻ تي ڊاڪٽر عورت جي پٽ تي مبينا تشدد ڪيو. متاثر ڌر احتجاج ڪري انصاف جي گهر ڪئي. ان سلسلي ۾ دادو جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان قائم خانگي اسپتال ۾ ڳوٺ ڇٽو مستوئي جي رھواسڻ پيرسن عورت ميرزادي زال الهڏنو مستوئي انجيڪشن لڳڻ بعد فوت ٿي وئي، وارثن پيرسن عورت جو لاش گهر نه کڻي وڃڻ تان ڊاڪٽر فوتي پيرسن عورت جي پٽ کي مبينا مارڪٽ پڻ ڪئي، پيرسن عورت جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لا بي سيڪشن ٿاڻي تي پهتا، پيرسن عورت جي پٽ فياض احمد مستوئي دانهيندي چيو ته منهنجي ما ميرزادي مستوئي کي ڊاڪٽر جاويد ڏاوڇ جي پرائيويٽ سينٽر تي داخل ڪرايو، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر انجيڪشن لڳائي، جنهن تي ما جي طبيعت خراب ٿي وئي، ڊاڪٽر کي منٿون ڪيون، ڊاڪٽر مريض عورت کي ڏسڻ لا ڪمري مان ئي نه نڪتو، ڊاڪٽر خلاف احتجاج ڪرڻ تي ڊاڪٽر ۽ عملي منهنجي مٿان تشدد ڪيو. هن مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close