پاڪستانسنڌ

عادلپور ڀرسان گم ٿيل شاگرد جي بازيابي لا 50 هزار ڀنگ طلب

عادلپور: عادلپور ڀرسان يوسي کوهارا جي ڳوٺ عظمت خان ڪولاچي جي رهواسي 14 ورهين جي نينگر اٺين ڪلاس جي شاگرد عبداللطيف مهيني کان گم هو، جنهن جي آزادي لا وارثن کان فون تي 50 هزار ڀنگ طلب ڪئي وئي. اهڙي فون کان پو نينگر جو پي عزت خان ڪولاچي عادلپور ٿاڻي تي پهچي ويو. نينگر جي پي چيو ته منهنجي پٽ جي آزادي لا پئسا گهريا پيا وڃن، پورهيو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ پاليندو آهيان، پئسا ناهن، فون ڪندڙن ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن 50 هزار نه ڏنا ته پٽ کي ٻي هنڌ وڪرو ڪري ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button