اسلام آبادپاڪستان

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد: عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. پيٽروليم انڊسٽري ذريعن موجب پهرين آڪٽوبر کان ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 29 سيپٽمبر تائين امپورٽ فيول جي قيمتن ۾ گهٽتائي پهرين آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندي. پيٽروليم انڊسٽري جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ واڌ نه ڪئي وئي ته گهٽتائي يقيني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button