سنڌ

پرڏيهي امداد ۽ وسيلن ۾ سياسي اثر استعمال ٿي رهيو آهي:ايڇ آرسي پي

انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي عالمي ماحولياتي تبديلين کي پاڪستان آيل برساتي ٻوڏ قرار ڏيندي چيو آهي ته نيشنل ڊزاسٽر جي نتيجي ۾ 3 ڪروڙ 90 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. پرڏيهي امداد ۽ وسيلن ۾ سياسي اثر رسوخ استعمال ٿي رهيو آهي. ايڇ آر سي پي سوال ڪيو آهي ته پي ڊي ايم اي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ سان گڏ ٻڌائي ته متاثرن لاءِ آيل امداد ۽ وسيلا ڪٿي خرچ ڪري پئي؟ رياست ۽ حڪومت ماضيءَ جي ڪيل غلطين مان سبق حاصل ڪري پنهنجي گورننس بهتر ڪن ۽ سول سوسائٽي جي ڪم جو قدر ڪيو وڃي. هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرپرسن حنا جيلاني، ايڇ آر سي پي سنڌ چيپٽر جي ڪوچيئرپرسن اسد اقبال بٽ، وائيس چيئرمين قاضي خضر، حارث خليق، امداد چانڊيو ۽ ٻين سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو ته سڄي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر برساتي ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي آهي، وفاقي ۽ سنڌ سرڪار قومي سطح جي آفت اچڻ باوجود فوري متاثر جي مدد لاءِ امدادي سرگرمين جو ڪم شروع ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ بحران وڌي ويو، سڀ کان پهريان حڪومت کي متاثرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي ها، جيڪو نه ٿيڻ سبب متاثر ماڻهو پنهنجو مال متاع ملڪيتون وڪرو ڪري پاڻمرادو محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيا، جنهن سان عورتن، ٻارن ۽ معذورن کي وڏي اذيت مان گذرڻو پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button