سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ لسانيات جي ماهرن ۽ سڄاڻ ڌرين چيو آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي مسيارجڻ جا اهم ڪارڻ ٻوليءَ ڏانهن غير سنجيده رويو ۽ مسلسل نظرانداز ڪرڻ هوندا آهن، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏئي، ان کي دفتري ٻولي بڻايو وڃي ۽ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مضمون لازمي طور پڙهايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه ممتاز مرزا هال حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران “سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم” جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته سنڌي ٻوليءَ جي سماجي واهپي کي وڌائڻ، ماڻهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جذبي کي اڀارڻ لاءِ اسان کي پنهنجا رويا مٽائڻا پوندا ۽ جديديت جي بهاني، پنهنجي ٻوليءَ ۾ پيدا ٿيندڙ بگاڙ کي روڪڻو پوندو نه ته اڳتي هلي اسان جي سنڌي ٻولي، خدا نه ڪري سنسڪرت زبان وانگر رڳو ڪتابن ۾ محدود ٿي ناياب ۽ اڻلپ ٿي وڃي. هن چيو ته ڪنهن به ٻولي جي واڌ ويجهه گهر کان شروع ٿيندي آهي، تنهنڪري سنڌ توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين کي گهرجي ته اهي پنهنجن ٻارن کي ٻين ٻولين جا لفظ سيکارڻ بدران نج سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ڳالهائڻ لاءِ اتساهين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close