لاڙڪاڻي ۾ بيت المال ڪالوني واسي 17 ورهين جو نوجوان شعيب رند پراسرار نموني گم ٿي ويو. حد جي دڙي ٿاڻي تي اطلاع باوجود نينگر جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو. ان حوالي سان نوجوان جي ڀاءُ حافظ منور رند ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ ريشم گلي ۾ چپس جي دڪان تي ڪم ڪندو هو، جيڪو گذريل 25 سيپٽمبر تي دڪان تان واپس ناهي موٽيو، جنهن جي گهڻي ڳولا باوجود هٿ ناهي اچي سگهيو. هن چيو ته پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود هن وقت تائين اسان جو ڀاءُ ناهي موٽيو، جنهن ڪري سڀ گهرڀاتي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته گم ٿيل ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close