سنڌ

بلغاريا جي وفد طرفان قديمي ماڳ موهن جو دڙو جو دورو

سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي تي بلغاريه يورپ جو 19 ڄڻن جو پرڏيهي وفد قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو. برسات سبب موهن جو دڙو انتظاميا يورپ جي پرڏيهي وفد کي صرف اسٽوپا ۽ ميوزيم گهمڻ جي اجازت ڏني. پرڏيھي سياحن جو وفد اسٽوپا ۽ ميوزيم گهمي ڏٺو، پرڏيهي وفد کي موهن جو دڙي تي مقرر جاويد شيخ گائيڊ ڪندو رهيو. پرڏيهي سياحن جو آيل بلغاريه يورپ جي وفد جو چوڻ هو ته اسان جي خواهش هئي ته اسان موهن جو دڙو ڏسون. هنن چيو ته اسان جي اها خواهش پوري ٿي وئي آهي. هنن چيو ته موهن جو دڙو ڏسي ڪري تمام گهڻو مزو آيو آھي. هوڏانهن پرڏيهي سياحن جي وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button