سنڌ

راڌڻ ۾ نقلي ٻج ۽ نقلي ڀاڻ جي وڪري خلاف آبادگارن جو احتجاج

راڌڻ ۾ نقلي ٻج ۽ نقلي ڀاڻ جي وڪري خلاف آبادگارن ۽ ھارين شاھد بروھي. جاويد بروھي. عابد ويگهيو. نياز ويگهيو. حاجي نظير بروھي جي اڳواڻي ۾ راڌڻ ۾ مھيسر پيٽرول پمپ تي ٽائر ساڙي ناڪو چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آبادگارن دانهيندي چيو ته ھنن بابو بجاج کان ها برڊ ٻج خريد ڪري پوکيو، جيڪو پاپڙي ڪري ويو، آبادگارن ۽ ھارين جا لکين رپيا لڙھي ويا آهن. هنن اختيارين کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي ھاري نياز ويگھيو ٻرندڙ ٽائر ڳچي ۾ وجهي پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ٻين ماڻهن بچائي ورتو. بعد ۾ ايس ايڇ او راڌڻ منور چانڊيو جي وي آئي پي ڊيوٽي سبب اي ايس آ منظور وگهيو احتجاج ڪندڙن وٽ پھچي ملاقات ڪري کين مسئلي حل ڪرڻ جي يقين ڌيان ڏياري ڊيلر بابو بجاج سان ملي مسئلي جو حل ڪڍي ٻنھي ڌرين کي فيصلي لا راضي ڪري ورتو. جنهن بعد مظاهرين احتجاج ختم ڪري روڊ کولي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button