اسلام آبادپاڪستان

محمد بن سلمان وزيراعظم مقرر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف طرفان مبارڪون

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود کي وزيراعظم جي عهدي تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن ڪالهه اربع ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزير اعظم شهباز شريف چيو ته آئون پنهنجي ڀاءُ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود کي سعودي عرب جي وزيراعظم طور مقرر ٿيڻ جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، آئون ان جي ڪاميابي ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب جي لاءِ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي قيادت ۾ وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آهيان.

هوڏانهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران شهزادي محمد بن سلمان کي سعودي عرب جو وزيراعظم بڻجڻ تي واڌايون ڏنيون ويون آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان سعودي عرب جي مسلم دنيا ۾ منفرد مقام کي تسليم ڪري ٿو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button