پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ سولر پليٽن جي چوري خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

ڇاڇرو: چيلهار ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڦانگاريو ۾ ميگھواڙ برادري جي ماڻهن ڳوٺ ۾ چورين جي آزار خلاف ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران هنن ڇاڇرو-اسلام ڪوٽ روڊ بلاڪ ڪري چيلهار پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي وانڪو ميگھواڙ، گينو مل، گمون، لالو، تيجو مل ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ لڳل آر او پلانٽن جون سولر پليٽون آئي ڏينهن بااثر چور چوري ڪري وڃن ٿا، سولر پليٽون چوري ٿيڻ سبب آر او پلانٽ بند ٿي ويا آهن، سڄو ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويو آهي، ڪجهھ ڏينھن اڳ هڪ آر او پلانٽ جون 5 سولر پليٽون چوري ٿي ويون، ٻيهر ٻئي آر او پلانٽ جون به 3 سولر پليٽون چور چوري ڪري ويا، ڳوٺن جا مقامي چور آئي ڏينهن وارداتون ڪري رهيا آهن، جنهن جي نشاندهي اسان چيلهار پوليس کي ڪئي آهي، درخواستون به ڏنيون آهن، پر پوليس بااثر ماڻهن جي مداخلت سبب چورن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ڳوٺاڻن ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر چورن خلاف ڪارروائي ڪري چوري ڪيل سولر پليٽون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن ته جيئن آر او پلانٽن کي هلائي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button