اسلام آبادپاڪستان

20 لک ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ 50 ارب رپيا ورهائجي چڪا

اسلام آباد: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 20 لک ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ 50 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم ورهائجي چڪي آهي. بي آءِ ايس پي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ڪٽنبن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، بلوچستان، سنڌ، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثر ڪٽنبن کي 25 هزار رپين جي فوري ادائگي کي يقيني بڻائي رهي آهي.

سڄي ملڪ ۾ فلڊ رليف ڪيش اسسٽينس تحت هاڻي تائين مجموعي طور تي 2005039 ڪٽنبن ۾ 50,125,975,000 ورهائجي چڪا آهن. بلوچستان ۾ 156697 ڪٽنبن کي 3,917,425,000، سنڌ ۾ 1,415,761 ڪٽنبن کي 35,394,025,000، ڪي پي ڪي جي 208321 ڪٽنبن کي 5,208,025,000، پنجاب جي 224260 ڪٽنبن کي 5,606,500,000، جڏهن ته گلگت بلتستان جي 331 ڪٽنبن کي 8,275,000 رپيا ملي چڪا آهن. مجموعي طور تي ڪالهه 122073 ڪٽنبن کي مختلف ڪيمپن مان روڪ رقم وصول ٿي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button