اسلام آبادپاڪستان

ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 6 لک کان مٿي عورتون ڳورهاريون آهن: عبدالقادر پٽيل

اسلام آباد: قومي صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته جنيد فيملي فائونڊيشن جو ٿورائتو آهيان، هن مشڪل گهڙي ۾ ڳورهارين عورتن جي غذائي جزن تي ٻڌل لکين بوتلون عطيو ڏنيون آهن. جنيد فيملي فائونڊيشن ۽ ڪرڪ هيومينٽرين تنظيم طرفان ڪيترن ئي غذائي جنسن تي ٻڌل 20 لک بوتلون صحت واري وزارت کي گڏيل عطيو ڪيون ويون آهن، ان موقعي تي عبدالقادر پٽيل چيو ته عطيو سنڌ ۽ ٻوڏ متاثرن جي گهرن ۾ ڳورهاين عورتن جي فوري غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد لاءِ ڏنو ويو آهي، هن وقت ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ تقريبن 6 لک کان وڌيڪ عورتون ڳورهاريون آهن، انهن ڳورهارين عورتن جي صحت جي حفاظت ۽ انهن جي مدد اسان جو مذهبي ۽ اخلاقي فرض آهي.

صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ايتري وڏي قدرتي آفت پهرين ڪڏهن ناهي آئي، اهڙي قدرتي جو ڪا به حڪومت اڪيلي سر مقابلو نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته سمورا سرندي وارا ماڻهو، اين جي اوز ۽ معاشري جي هر طبقي تي لازمي آهي ته هو اڳتي وڌي مدد ڪن، هن چيو ته ٻوڏ سبب ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، حڪومت ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button