پاڪستانسنڌ

سنڌڙي ۾ پاڪ فوج پاران ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ۽ خيما ورهايا ويا

سنڌڙي: سنڌڙي تعلقي جي ڳوٺ نبي بخش شر ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ پاڪ فوج پاران 40 راشن جا بيگ، 15 خيما، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو. ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن چيو ته هن وقت جتي سنڌ حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا نه سار لڌي آھي، اتي پاڪ فوج جي جوانن اسان وٽ پھچي اسان جي مدد ڪئي آھي، حڪومت بلڪل ناڪام ٿي چڪي آھي، ڊي سي ميرپورخاص، اي سي سنڌڙي ۽ مختيارڪار سنڌڙي گم آهن، پاڪ فوج راشن ۽ ٻيو سامان ڏئي اسان دربدر ٿيل ماڻهن تي هٿ رکي سهائتا ڪئي آهي. ان مقوعي تي متاثرن پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هنيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button