اسلام آبادپاڪستان

عافيه صديقي معاملو سفارتي سطح تي ٻيهر اٿاري سگهجي ٿو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد: پرڏيهي آفيس آمريڪا سان سفارتي محاذ تي نئين سر ڪوششن جي تجويز ڏئي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ داخل درخواست تي شنوائي ٿي. هاءِ ڪورٽ پرڏيهي آفيس کي هر ٻن هفتن کان پوءِ اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جو قانون وارو صلاحڪار اسد برڪي عدالت ۾ پيش ٿيو. ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي چيو ته آمريڪا جي قيدين جي سزا ۾ معافي جي آفيس ۾ درخواست ڏني وئي هئي.

پرڏيهي آفيس جي قانوني صلاحڪار چيو ته عافيه صديقي جي آزادي لاءِ آمريڪا سان نئين سر سفارتي ڪوششون ڪري سگهجن ٿيون. پرڏيهي آفيس هن معاملي کي سفارتي سطح تي اٿاري سگهي ٿي. آمريڪي اٽارني جنرل کي اسان جو اٽارني جنرل به خط لکي سگهي ٿو، پرڏيهي آفيس رڳو سفارتي محاذ تي ڪوششون ڪري سگهي ٿي. قانوني محاذ کي گهرو وزارت کي ڏسڻو آهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ شنوائي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button