اسلام آبادپاڪستان

وزير طور پگهار ۽ نه ئي ڪا مراعت ورتي هئي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد: اڳوڻي ناڻي واري وزير ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ناڻي واري وزير طور سرڪار کان پگهار نه ورتي، نه پيٽرول ۽ نه ئي سرڪاري گاڏي استعمال ڪئي. (ن) ليگ جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته وزارت دوران ملڪ جو مفاد هر وقت مٿي رکيو ۽ ملڪ لاءِ سياست بدران رياست کي اوليت ڏني.

مفتاح اسماعيل چيو ته ٻوڏ کان پوءِ فنڊز لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي عالمي امدادي اداري کي ٻوڏ ۾ 6 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ تي راضي ڪيو. اڳوڻي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته عالمي بئنڪ کان 2 ارب ڊالر ٻوڏ لاءِ ملي سگهن ٿا ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان ڏيڍ ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي. شهباز شريف جي آمريڪا جي دوري جي حوالي سان هن چيو ته وزيراعظم جو آمريڪا دورو گهڻو ڪامياب رهيو. وزيراعطم آئي ايم ايف کي رعايت ڏيڻ تي مڃايو آهي. آئي ايم ايف کان ايندڙ ٻه قسطون گڏ ملي سگهن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button