پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي ۾ جر خراب، آر او پلانٽ به ناڪاره،پاڻي جو بحران

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جر وارو پاڻي خراب ھئڻ ڪري مقامي ماڻهو سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا. علائقي ۾ لڳل آر او پلانٽ ناڪاره بڻيل آهن. رپورٽ موجب مسڻ وڏي شهر جي 20 هزار آبادي کي جر جو پاڻي 1986ع کان کي خراب ملي رهيو آهي، جنهن ۾ سينکيو مليل آهن، شهر جي واٽر سپلائي اسڪيم 30 سالن کان بند آهي، جنھن جي پاڻي واري تلاءُ ۾ ديويون ۽ ٻيا وڻ ٻيلي جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن. سڄي شهر ۾ شهرين لا رڳو هڪ آر او پلانٽ سولر پئینل تي ھلندڙ آھي، جيڪو تقريبن صبح جو 11 بجي کان شام جو 4 بجي تائين فنڪشنل رهي ٿو، باقي وقت بند رهي ٿو، شهر جي 80 سيڪڙو آبادي 3 ڪلوميٽر پري نانگنا شاخ تي لڳل نلڪن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهي، اڪثر ماڻهو پاڻي ڀري ايندڙ گڏهھ گاڏي وارن يا چنگچي رڪشا وارن کان 30 رپيا في دٻو 20 ليٽر وارو خريد ڪن ٿا. ھڪ اندازي مطابق 10 کان 15 ھزار جو پاڻي روز وڪرو ٿئي ٿو. شهر ۾ ملڪ فائونڊيشن پاران هڪ آر او پلانٽ ڏنو ويو هو، جيڪو ٻن سالن کان ناڪاره پيل آهي، ڳوٺ غلام علي لغاري، قاضي نور محمد لغاري، طيب گھانگھلو، شاديون ولھار ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جا آر او پلانٽ پڻ ڪيتري ئي عرصي کان ناڪاره پيل آهن. ڳوٺ عبدالله مڱريو، سوڀارو مڱريو، آدم ڪلر، وريام کوسو، گل محمد لغاري، نبي خان ميئو، محسن ڏگو، سومار خاصخيلي، غلام حيدر شاهھ، گري چاولا ميئو، راجپوت، فريد کوسو، محمد عمر ٿيٻو، لکا ڏنو جت، درگاھه ڇٽو ولي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پڻ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران آهي. ڳوٺ عمر جروار جي ھيرا ڪولهي ڪالوني جي رهواسين رحيم جروار ۽ حفيظ جروار ٻڌايو ته اسان تقريبن 3 کان 4 چار ڪلوميٽر پنڌ ڪري ميرواهه روڊ تي چوڏهين واٽر ڪورس وٽ لڳل نلڪي مان پاڻي ڀري ايندا آھيون، ڳوٺ جي تقريبن اڌ آبادي سائي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو بيماري وگهي فوت ٿي ويا آهن. رهواسين ٽنڊوالهيار انتظاميا ۽ پبلڪ ھيلٿ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته واٽر سپلائي اسڪيم کي ٻيهر بحال ڪري ناڪاره بڻيل آر او پلانٽ ٺھرائي پاڻي جي سهولت ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button