پاڪستان

نئين آرمي چيف بابت اختيار وزيراعظم کي آهي ۽ اهو ئي مقرر ڪندو:بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو وزيراعظم شهباز شريف ڪندو، پاڪستان جا سمورا ادارا خودمختيار آهن، جمهوريت جهڙي به هجي آمريت کان بهتر آهي. پرڏيهي رسالي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته معيشت جي بحالي لا سخت فيصلا ڪرڻا پيا، اسان کي ڀارت ٻوڏ متاثرن لا امداد جي ڪا به آڇ ناهي ڪئي ۽ نه ئي اسان انڊيا کان مدد چاهيون ٿا. هن چيو ته افغانستان جي جنگ مان سمورا پاڙيسري ملڪ متاثر ٿيا آهن، چين ڏکئي وقت ۾ سدائين پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، آمريڪا سان لاڳاپن کي نئين رخ ۾ وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته نئون آرمي چيف مقرر ڪرڻ وزيراعظم جو اختيار آهي ۽ وزيراعظم ئي مقرري ڪندو، ملڪ جا سمورا ادارا بااختيار آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button