پاڪستان

آمريڪا پاڪستان کي ايف- 16 جهاز ڏيڻ تي ڀارت جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي سفارتڪاري رنگ لاتو، آمريڪي حڪومت پاڪستان کي ايف-16 جهازن جي فراهمي تي ڀارت جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جو ايف- 16 پروگرام دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لا آهي. ڀارت جي پرڏيهي وزير واشنگٽن ۾ آمريڪي هم منصب سان ملاقات ڪئي ۽ ايف-16 جهازن جي فراهمي بابت اعتراض واريو، جنهن تي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن چيو ته پاڪستان جي ڀر واري پاسي مان دهشتگردي جا واضح خطرا ڪر کڻي رهيا آهن، اهي خطرا واضح ۽ سڀني کي معلوم آهن، اهو سڀني جي مفاد ۾ آهي ته اسان وٽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيلا موجود آهن ۽ هي پروگرام ان مقصد لاءِ آهي، پاڪستان کي ڏنل ايف 16 جهازن جو پروگرام نئون ناهي پر ڪافي عرصي کان آهي، منظور ڪيل 450 ملين ڊالرن جو معاهدو اڳ ۾ ئي ترسيل جهازن جي سار سنڀال لاءِ آهي ته جيئن پاڪستان وٽ موجود جهازن کي برقرار رکي سگهجي. هن چيو ته ٽي ٽي پي، داعش ۽ ٻيون تنظيمون سڀني لا خطري جي علامت آهن، اهي خطرا ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهن، تنهن ڪري دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لا اسان کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. انٿوني بلنڪن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي نوان جهاز يا سسٽم فراهم پيا ڪريون، اها اسان جي ذميواري آهي ۽ اسين ان ڳالهه جا پابند آهيون ته جيڪو به فوجي ساز ۽ سامان ڏيون، ان کي بحال رکڻ لا ٽيڪنيڪل سهڪار به فراهم ڪريون ته جيئن فراهم ڪيل فوجي سامان استعمال جوڳو رهي، پاڪستان جو دفاعي پروگرام دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي مضبوط ڪري ٿو، خطرن کي وڌڻ جي اجازت ڏيڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. پاڪ-ڀارت لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششن بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته اسان پنهنجي دوستن تي زور ڏيون ٿا ته اهي اختلاف سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪن، آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي سمورا مسئلا سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button