پاڪستان

عمران خان کي عبرت جو نشان بڻائڻو پوندو:مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته اهو ڪهڙو ڏوهه آهي جيڪو عمران خان تي ثابت ناهي ٿيو، پي ٽي آ چيئرمين پاڪستان جي تقدير سان کيڏيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم چيو ته عمران خان ڏڦيڙ پکيڙڻ لا ڊالر ورتا ۽ کيس اهو ئي ڪم ڪرڻو هو، جيڪڏهن عمران کي عبرت جو نشانو نٿو بڻايو وڃي ته پو ملڪ جي تباهي جو ذميوار اسان سڀني کي سمجهيو ويندو، 22 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ چئن سالن تائين هڪ نااهل ۽ نالائق ماڻهو هٿان گروي رهيو، جنهن اندروني توڙي پرڏيهي سطح تي ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي. مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهو ڪهڙو ڏوهه آهي جيڪو عمران تي ثابت ناهي ٿيو، هو پاڻ چوي پيو ته آئون عوام سان کيڏيو آهيان، پو به ثاقب نثار جهڙي جج کيس صادق ۽ امين قرار ڏنو، سڀ کان ڳڻتي جوڳو پهلو اهو آهي ته عمران خان سڀ ڪجهه ڪندو رهيو ۽ سڀئي کيس ڏسندا رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button