اسلام آبادپاڪستان

ڪنهن کي به ملڪي ڪرنسي سان کيڏڻ جي اجازت نه هوندي: اسحاق ڊار

اسلام آباد: 5 سالن تائين پاڻمرادو جلاوطن ٿيڻ بعد ڏيهه واپس آيل اسحاق ڊار سينيٽر جو حلف کڻڻ کانپوءِ وفاقي وزير طور به حلف کڻي ورتو آھي. صدر مملڪت عارف علوي اسحاق ڊار کي حلف کڻايو، ايوان صدر ۾ حلف برداري تقريب دوران وفاقي وزيرن، سرڪاري عملدارن ۽ ٻين شخصتين شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزير جي حيثيت سان حلف کڻڻ کان پوءِ اسحاق ڊار ناڻي وزارت ۾ پنهنجي آفيس پهتو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن کي پاڪستان جي ڪرنسي سان کيڏڻ جي اجازت نه هوندي. هن وقت ملڪ کي وڏا ۽ مشڪل چئلينجز سامهون آهن، پوڻن چئن سالن جو گند 6 مهينن ۾ صاف نٿو ٿي سگهي. معيشت جي بهتري لاءِ وقت ڏيو انشا الله اسان ان سان پوري طرح منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هي سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي ته ماضي ۾ اسان مارڪيٽ ۾ ڊالر اڇلائي رپئي جي قدر کي ڪنٽرول ڪيو، ڊالر هئا ڪٿي جو اسان ڦٽو ڪريون ها، جيڪڏهن ان ۾ حقيقت هجي ها ته گذريل حڪومت عوام کي سڀ ڪجهه بيان نه ڪري ها اصل ۾ اسان جي ڪامياب معاشي پاليسين جو نتيجو هو. هن چيو ته سڀني کي معلوم آهي ته مسلم ليگ (ن) جڏهن حڪومت ڇڏي ته هن ملڪ جي معيشت ڪٿي بيٺي هئي، ٽن ڌرڻن جي باوجود پاڪستاني معيشت مضبوط هئي. هن چيو ته اسان جي بدقسمتي آهي جو گذريل سالن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو مان ان جي تفصيل ۾ نٿو وڃڻ چاهيان هر شئي کي کليو ڇڏيو ويو، رپئي جي تباهي جي نتيجي ۾ مهانگائي ٿي ۽ وياج جي شرح 13 کان 14 سيڪڙو تائين ٿي وئي.

هن چيو ته پوڻن چئن سالن جي هن تباهي کي پي ڊي ايم حڪومت 5 مهينن ۾ ٺيڪ نٿي ڪري سگهي، بيشڪ اسان کي هن وقت کوڙ سارا چئلينجز سامهون آهن اسان ماضي ۾ به وڏي ڪاميابي سان ان کي منهن ڏنو. اسحاق ڊار چيو ته هنڊي وارن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته جڏهن ڊالر هڪ رپيو وڌي ٿو ته پاڪستان تي 110 ارب رپيا قرض وڌي وڃي ٿو، انشا الله هر شئي کي سنڀالينداسين، جيئن ماضي ۾ ڪيو، هوڏانهن اسحاق ڊار ڪالهه احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت پيشيءَ بعد اسحاق ڊار کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته مان 2 ڏينهن اڳ پاڪستان واپس پهتس ۽ مان ڪوشش ڪئي ته صبح عدالت ۾ پيش ٿي وڃان، جڏهن ته جج صاحب موڪل تي هو. اڄ وري اسان پيش ٿيا آهيون ۽ پنهنجي درخواست جمع رڪائي ڇڏي آهي. هن چيو ته مان اوهان کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته 4 سال مون وٽ پاسپورٽ نه هو، عمران خان جي حڪومت آئي ته ان سڀ کان پهريان منهنجو پاسپورٽ رد ڪرايو، ان کان پوءِ مون کي پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌو ويو، سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۽ هاءِ ڪمشنرز کي اطلاع ڏنو ويو ته اسحاق ڊار جتي به پاسپورٽ لاءِ درخواست داخل ڪري ان کي منظور نه ڪيو وڃي.

هن چيو ته نئين حڪومت آئي ان مون کي پاسپورٽ جاري ڪيو جنهن کان پوءِ مان واپس ورڻ جو ارادو ڪيو مون تي ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو ته مان پاڪستان ۾ 1981 کان 2021 تائين 20 سالن تائين ٽيڪس رٽرنز جمع ناهي ڪرايو. جڏهن ته مان گذريل 40 سالن کان ٽيڪس رٽرن جمع ڪرائڻ ۾ 20 منٽن کان وڌيڪ دير ناهي ڪئي. اسحاق ڊار چيو ته عمران خان جي حڪومتي دور ۾ هڪ ڏينهن به اهڙو نه هو جڏهن سندس وزير ۽ مشير ٽي وي تي وڏي دعويٰ ڪندا هئا، اسحاق ڊار کي انٽرپول جي ذريعي وطن واپس آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ساڳيو ڪيس جڏهن اتي ويو ته مان سمورا ٽيڪس رٽرنز جمع ڪرائي ڇڏيا ۽ انهن عمران خان جي حڪومت جي منهن تي چماٽ واهي ڪڍي، انهن مون کي لکيو ته اوهان جي خلاف ڪوئي ثبوت نه آهي ۽ سمورن انٽرپول ميمبرن کي هدايت ڏني ته عمران خان جي حڪم تي اميگريشن سسٽم ۾ منهنجي خلاف جيڪو ڪجهه وڌو ويو، ان کي ختم ڪريو. اسحاق ڊار چيو ته اسان ڪنهن قسم جي ڊيل تي يقين نٿا رکون جيڪي ڊيل تي يقين رکن ٿا اهي ئي ٻڌائين ته آر ٽي ايس ڪيئن بند ٿيو هو، اليڪشن ڪيئن چوري ٿي هئي، هي بدقسمتي آهي جو پاڪستان جا اٽڪل 5 قيمتي سال ضايع ٿي چڪا آهن، پاڪستان اٽڪل 30 سال پٺتي هليو ويو آهي. هن چيو ته پوڻن چئن سالن جو گند 6 مهينن ۾ صاف نٿو ٿي سگهي مفتاح اسماعيل پنهنجي تجربي جي بنيادن تي پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي. ان جي ڪري پاڪستان ڏيوالو ٿيڻ کان بچي ويو. هي هڪ مسلسل جدوجهد آهي، انشا الله اسان ان ۾ ڪامياب ٿينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button