سنڌ

عمران خان جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آهي:شهلا رضا

صوبائي وزير عورتن جي ترقي شهلا رضا عمران خان جي ليڪ ٿيل آڊيو تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسان پهرين ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته عمران خان رڳو پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو ، عمران خان جي سموري سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته عوام ڏسي رهيو آهي ته عمران خان جي ڪوڙن دعوائن معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪوڙي سازشي خط بين الاقوامي سطح تي ملڪ جي ساک کي سخت نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته عمران خان کي آڻڻ وارن کي هاڻي سوچڻ گهرجي ته عوام کي گڏ ڪري ڪنهن کي ليڊر نٿو بڻائي سگهجي. شهلا رضا چيو ته آڊيو ليڪ ٿيڻ سان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي مصنوعي سياسي جماعت جو جنازي پڙهي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button