سنڌ

ايس ايس ٽي جو شاگردن جون فيون معاف ڪرائڻ لا مظاهرو

ٻوڏ متاثر شاگردن جون فيون معاف ڪرائڻ لا سنڌي شاگرد تحريڪ جي سڏ تي شهدادپور پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪاشف ملاح، عالم لغاري، عبدالستار رند، راڻوخان ڪنڊاڻي، عقيل ماڪوڙاڻي، زوھيب خاصخيلي، سڪندر ڪنڊاڻي، ذيشان لغاري، منير احمد رند، ساگر سنڌي، اڪبر رند، عظيم خان لغاري، امتياز رند، حيدر لغاري جميل اختر ۽ ٻين چيو تھ ھن وقت سموري سنڌ حڪمرانن جي بدانتظامي سبب ٻڏل آھي. ھزارين گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن. الھه تلھه لڙھي ويو آھي، ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ سنڌ جا ھزارين شاگرد سخت متاثر ٿيا آھن، شاگردن جون تعليمي مارڪشيٽون، پاس سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگريون ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙھي ويون آھن. اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ يونيورسٽي جي هلندڙ سال سالياني فيس بدران سيميسٽر وائيز فيس ڪري فين ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪري غريب شاگردن لا تعليم جا دروازا بند ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي. ٻوڏ سبب فيون جمع نه ڪرائي سگهندڙ شاگردن کي تعليم اڌ ۾ ڇڏڻ لا مجبور ڪيو پيو وڃي. هنن مطالبو آھي ته شاگردن جون فيون فورن معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button