سنڌ

ميهڙ انتظاميه پاران من پسند ماڻهن کي راشن جي فراهمي

ميھڙ ۾ انتظاميه پاران ٻوڏ متاثرن جي سامان لا لاڙڪاڻي روڊ تي قائم گدام مان رات جي اونداھي ۾ ون فائيو پوليس ۽ روينيو عملي پاران من پسند ماڻھن کي راشن جي فراھمي جاري آھي. اھڙو اطلاع ملڻ تي سوين ٻوڏ متاثر به ٽوڪن کڻي پھتا ته ون فائيو پوليس ۽ روينيو عملي متاثرين کي راشن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان دوران ڇڪتاڻ ٿي پئي. متاثرين نعريبازي ڪئي ته ون فائيو پوليس جي اھلڪارن متاثرين تي لٺبازي ڪئي بعد ۾ ون فائيو پوليس انچارج الاھي زرداري 3 موٽر سائيڪلن تي اھلڪارن سميت کسڪي ويو. متاثرين روينيو جي 3 ملازمن کي گدام ۾ بند ڪري ڇڏيو. اطلاع تي ڊي ايس پي ميھڙ وحيد بيگ لاڙڪ ۽ ايس ايڇ او ميھڙ پھتا ۽ متاثرين سان ڳالھيون ڪري ملازمن کي گدام مان ٻاھر ڪڍرائي گدام کي تالا ھڻايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button