پاڪستان

ڪور ڪمانڊرس جو اجلاس، دهشتگردي کي ٻيهر ڪر کڻڻ نه ڏينداسين: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ فوج جي سمورين فارميشنز کي ڪنهن به قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ لا الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي کي ڪنهن به صورت ۾ ٻيهر ڪر کڻڻ نه ڏينداسين. پاڪ فوج جي سربراهه جي ايڇ ڪيو ۾ 251 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي صدارت ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثرن جي امدادي سرگرمين بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پنهنجي خطاب ۾ چيو تھ پاڪ فوج جون سموريون فارميشنز هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهن، دهشتگردي کي ڪنهن به صورت ۾ ٻيهر اڀرڻ يا ڪر کڻڻ نه ڏنو ويندو. آرمي چيف طرفان ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ آرمي فارميشنز کي متاثرن جي جلد بحالي جي هدايت ڪئي وئي. جنرل قمر جاويد باجوا فارميشنز جي آپريشنل تيارين تي اطمينان ظاهر ڪندي چيو ته سڀني سيڪيورٽي ادارن کي گڏجي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏڻي، سموريون فارميشنز سخت چوڪس رهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button