پاڪستان

قومي سلامتي ڪميٽي آڊيو ليڪس تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، اعليٰ اختياري ڪميٽي کان جاچ ڪرائڻ جي منظوري

قومي سلامتي ڪميٽي وزيراعظم هائوس مان آڊيو ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لا گهرو وزير راڻا ثنا الله جي سربراهي ۾ اعليٰ اختياري ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو انتهائي اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن سميت سروسز چيف، حساس ادارن جا سربراهه ۽ ٻيا اعليٰ عهديدار شريڪ ٿيا. حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ آڊيو ليڪس واري معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو، حساس ادارن جي سربراهن اجلاس کي وزيراعظم هائوس سميت اهم هنڌن جي سيڪيورٽي، سائبر اسپيس ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين شين بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ آڊيوز جي جاچ ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي سان لاڳاپيل ڪجهه پهلوئن جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ فول پروف انتظامن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ صلاح مشوري بعد سائبر سيڪيورٽي بابت قانوني فريم ورڪ تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان حوالي سان قانون ۽ انصاف واري وزارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سائبر سيڪيورٽي بابت ليگل فريم ورڪ تيار ڪيو وڃي. قومي سلامتي ڪميٽي آڊيو ليڪس جي معاملي جي جاچ لاءِ اعليٰ اختياري ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني، جنهن جو سربراهه گهرو وزير راڻا ثنا الله هوندو، جڏهن ته سائبر اسپيس جي حوالي سان حڪومتي رابطن جي سلامتي، حفاظت ۽ سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ان ڳالهه تي سهمت ٿيا ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائبر اسپيس جي هاڻوڪي تبديل ٿيل ماحول ۽ نين گهرجن کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي، تحفظ ۽ سرڪاري ڪميونيڪيشنز جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن سيڪيورٽي جي نظام ۾ ڪير به رنڊڪ نه وجهي سگهي. اجلاس ۾ موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻوڏ متاثرن جي بچاءَ توڙي امدادي ڪمن جو به جائزو ورتو ويو، سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب فوت ٿيلن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو. بيان موجب 33 ملين متاثرن جي امداد، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي، متاثرن کي کاڌي پيتي ۽ طبي علاج جي فراهمي لا کنيل قدمن جو به جائزو ورتو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button