سنڌ

باقراڻي واسي ٻوڏ متاثر پورهيت جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ محمد خان چانڊيو واسي پورهيت واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت امام الله چانڊيو دانهيو ته برساتن سبب يوسي مهر وڏا ۾ منهنجو گهر ڊهي پيو، جنهن کان پوءِ بي گهر ۽ بيروزگار ٿي پيو آهيان، مون کي ٻن اولاد ۽ گهرواري آهي پر هن وقت تائين مون کي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي مليو. هن الزام لڳايو ته پ پ پ اڳواڻ مير دوست لهر تڪ جي چيئرمين عبدالرحمان جتوئي ۽ وائيس چيئرمين عنايت الله ڀٽو وارن برسات متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان وڪرو ڪري مون سميت ٻين متاثرن کي نه پيا ڏين جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button