سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ۾ مهينو اڳ قتل ٿيل ڳوٺ محمد خان چانڊيو واسي نوجوان محمد يامين چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي ڀائرن عامر چانڊيو، غلام احمد، محمد امين، محمد علي، عيدن، حيدر بخش، حاڪم چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گندو پاڻي نيڪال ڪندڙ سم نالو ڳوٺ ڀرسان گذري ٿو جنهن مان پاڻي ڳوٺ ۾ چئن کان پنجن فوٽن تائين گڏ ٿي ويو، 27 آگسٽ تي سم نالي کي ڳوٺ بگن ڪورائي وٽان ڪٽ ڏنو جنهن تان مڇرجي بااثر پيرل ابڙو، دينو ابڙو، علي ڏنو عرف لِلِوُ ابڙو، نياز ڪورائي ۽ ٻين فائرنگ ڪئي جنهن ۾ اسان جو ڀاءُ 16 ورهين جو يامين چانڊيو قتل ٿي ويو ۽ 2 ڄڻا گلبهار ۽ مير حسن چانڊيو زخمي ٿيا. واقعي جو ڪيس عاقل ايٽ پير شير ٿاڻي تي اسان جي مرحوم والد احمد بخش چانڊيو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو پر هن وقت تائين پوليس هڪ جوابدار گرفتار نه ڪيو. جڏهن ته صدمي سبب اسان جو والد احمد بخش چانڊيو 23 سيپٽمبر تي وفات ڪري ويو. هنن چيو ته جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري خون سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button