سنڌ

خير محمد آريجا مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

خير محمد آريجا شهر مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي شهرين ڊاڪٽر غلام مصطفي پٺاڻ، نديم ٻرڙو، نويد علي آريجو، فياض علي جوکيو، گل حسن کوکر، مسعود علي ميمڻ، قذافي آريجو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڏيڍ مهينو گذري ويو پر شهر جي گرلس هاءِ اسڪول، روڊ رستن تان گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. ھنن چيو ته برسات سبب فصل ٻڏي ويا، گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. هنن چيو ته دڪانن آڏو بيٺل پاڻي سبب گراهڪ نٿا اچن، جڏهن ته مختلف بيماريون پکڙجي ويون آهن. هنن مطابو ڪيو ته اسان کي راشن نه کپي صرف بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي بيمارين کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button