سنڌ

بخشاپور مان اغوا ٿيل 2 پورهيت بازياب نه ٿي سگهيا

بخشاپور مان 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان گل محمد ملڪ ۽ سندس ساٿي ڪشمور واسي ڪار ڊرائيور پپو ملڪ بازياب نه ٿي سگهيا. مغوي نوجوان گل محمد ملڪ جي ما منظوران خاتون ۽ سندس معصوم ٻارڙن گهر ۾ قرآن پاڪ جو ورد ڪري بازيابي لا دعائون گهريون. پوليس ٻنھي مغوين جي بازيابي لا ڪي به اپا ناهن ورتا. مغوي گل محمد ملڪ جي ما منظوران خاتون ڌاڙيلن کي ھٿ ٻڌي اپيل ڪندي چيو ته خدارا مون مسڪين جو پٽ مونکي موٽائي ڏيو، ھن دانھون ڪندي چيو ته مغوي گل محمد گھر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو آهي جيڪو سيلون جو ڪم ڪري گهر هلائيندو آهي. گذريل 10 ڏينهن کان گھر جي چلهه ڪونه ٻري آهي، وڏي تڪليفن کي منهن پيا ڏيون، ڀنگ جي رقم ڪٿان آڻيون. هنن ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته ٻنهي مغوي کي جلد بازياب ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button