اسلام آبادپاڪستان

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز جي سزا ڪالعدم،نااهلي پڻ ختم

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزائن کي ڪالعدم قرار ڏيندي کين آجو ڪري ڇڏيو ۽ ان سان گڏوگڏ مريم نواز جي نااهلي پڻ ختم ٿي وئي آهي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو، مريم نواز ۽ صفدر کي الزامن مان بري ڪيو ويو آهي. ڪالهه جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز جي اپيل تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جسٽس عامر فاروق رمارڪس ۾ چيو ته مريم نواز ته پبلڪ آفيس هولڊر نه هئي، ان جي ڪري هن جي مٿان ڪيس نه پيو ٺهي. مريم نواز طرفان ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف داخل درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ شنوائي ڪئي. ان دوران نيب پراسيڪيوٽر مظفر عباسي عدالت ۾ چيو ته مون پهرين ٻڌايو ته نيلسن ۽ نيسڪول ڪمپنيون ڪڏهن ٺهيون، پوءِ ٻڌايو ته ڄاڻايل ڪمپنين اهي پراپرٽيز ڪڏهن خريديون، انهن انڪار ڪيو ته اهي پراپرٽيز 1993 کان وٽن آهن. جسٽس محسن اختر رمارڪس ڏنا ته ان سڄي ڪيس ۾ انهن سمورن جوابدارن کي ته ڪجهه چوڻو ئي نه هيو، اهو ڪيس اوهان کي ثابت ڪرڻو هو. جسٽس عامر فاروق چيو ته اوهان جو ڪيس شايد صحيح هجي پر اوهان ان کي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهيو. اسان رڳو عوامي ڄاڻ ۽ ڪنهن جي ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي فيصلو نه ٿا ڏئي سگهون. مريم نواز پبلڪ آفيس هولڊر نه هئي، ان ڪري مٿس اثاثن وارو ڪيس نٿو ٺهي. عدالت مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ ۽ نيب پراسيڪيوٽر جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌائيندي مريم نواز جي ستن سالن جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کيس ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز کي ست سال ۽ سندس مڙس ڪيپٽن ( ر ) صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. مريم نواز کي ڏوهه ۾ سهڪار جي الزام هيٺ سزا ٻڌائي وئي هئي. ان خلاف هن ها ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. جڏهن ته ساڳي ئي ڪيس ۾ ن ليگ جي قائد نواز شريف کي ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button