پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان پرڏيهي پاليسي ۽ معيشت کي نقصان پهچايو، غلطي عمران ڪري ۽ ان جي سزا اسد مجيد کي ملي ته اها ناانصافي هوندي، موجوده صورتحال ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ٻوڏ متاثرن جي حياتين سان کيڏڻ جي برابر آهي. واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول چيو ته ٻوڏ سبب نقصان جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان به وڌي سگهي ٿو، آمريڪا ياترا جو پهريون مقصد ٻوڏ متاثرن لا مدد حاصل ڪرڻ آهي، آمريڪا جو دورو ڪامياب رهيو آهي، ٻوڏ متاثرن جي مدد سان گڏوگڏ اسان جي ايجنڊا آمريڪا سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ به هو، آمريڪا سان پاڪستان جي لاڳاپن ۾ بهتري به آئي آهي، اڄ جي پاڪستان ۽ 6 مهينا اڳ واري پاڪستان ۾ واضح فرق آهي، خدا جو شڪر آهي ته هاڻي اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته تازو اسان جو آ ايم ايف سان معاهدو ٿيو ۽ مٿان ٻوڏ اچي وئي، جنهن سبب وڏي تباهي آئي، رليف جو ڪم اڃا باقي آهي، متاثرن لا جيترو به ڪجي اهو ناڪافي هوندو، حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ جي ايجنڊا کي ٽاپ تي رکيو، هيل تائين جيتري به مدد ملي ان تي دنيا جا ٿورائتا آهيون، هينئر اليڪشن جو مطالبو ٻوڏ متاثرن جي حياتين سان کيڏڻ هوندو، متاثرن جي مدد پهرين ۽ سياست بعد ۾ آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلي سبب متاثر ڏهن وڏن ملڪن کي گڏجي آواز اٿارڻو پوندو، ڀارت ۽ پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي تي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته افغان طالبان کي اڪيلو نه ڪيو وڃي، امن امان جي صورتحال تي طالبان کي مصروف رکڻ گهرجي، سندن فنڊ جاري ڪيا وڃن، افغان حڪومت جيڪي واعدا ڪيا آهن اهي پورا ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close