قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر الزام لڳايو آهي ته شهباز شريف ۽ مريم نواز جي آڊيو ليڪ ۾ احتساب جج تي دٻا وجهي اسحاق ڊار کي واپس آندو ويو. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته شهباز شريف ۽ مريم جي آڊيو ليڪ بعد اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته شريف خاندان جا ماڻهو ڪهڙي نموني ججن کي ڌمڪائي پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائيندا آهن، ملڪ سان هي مذاق آخر ڪيستائين هلندو رهندو، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ان ڳالهه جو سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close