راڌڻ: سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو جي اياز ڪالوني ميھڙ مان ڪار چوري ٿيڻ خلاف سول سوسائٽي ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان احتجاج ڪيو ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌو نواز گھانگھري چيو آهي ته دادو ضلعي ۾ ڪو سفر ڪري ٿو ته ھتي ماڻھو بي يار مددگار، ننڌڻڪا ۽ لاوارث آهن، جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي آهي،
ھڪ ماڻھو جيڪو ھن رياست اندر چري پري ٿو ان جي تحفظ جو ڪير ذميوار آهي، اسان ٽيڪس ڇو ادا ڪندا آھيون ته ھو اسان جي حفاظت ڪندا، جيڪڏهن رات جو ڪو سفر ڪري ٿو، ان سان ڪا واردات ٿئٔي ٿي، ڪا ڦر ٿئي ٿي يا ڪو قتل ٿئي ٿو، ته پوليس کي ڪا به خبر ناھي پر اسان سمجھون ٿا ته ايس پي دادو عرفان سمون انهي واردات ۾ ملوث آھي، اھو ھر ان چوري، ھر ان واردات، ھر ان خون ۾ ملوث آھي، اھي انھن ڏوھارين سان ڀاڱي ڀائٔيوار آهن.