پاڪستانسنڌ

يوسف مستي خان مظلوم طبقن ۽ قومن جو بهادر اڳواڻ هو: غنويٰ ڀٽو

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي (شهيد ڀٽو) جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي مرڪزي صدر ۽ کاٻي ڌر جي جڳ مشهور اڳواڻ يوسف مستي خان جي وفات تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته يوسف مستي خان مظلوم طبقن ۽ قومن جو بهادر اڳواڻ هو، هن جو وجود بلوچستان جي پهاڙن جيترو وڏو ۽ وسيع هو. هن جي خال کي ڀرڻ ۾ تاريخ کي تمام گهڻو وقت لڳي ويندو.

ڇو ته يوسف مستيءَ خان جهڙا سچا، سورهيه ۽ سلڇڻا انقلابي هر ڏينهن ۽ هر دور ۾ پيدا نه ٿيندا آهن. هن کي آخر تائين پنهنجي عوام جو اونو رهندو هو. غنويٰ ڀٽو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪامريڊ يوسف مستي خان ۾ ڪمال جي ڪلا هئي. هن ملڪ جي طبقاتي، قومي ۽ جمهوري جبر کي تخليقي توازن بخشيو هو. هو هڪ کرو ۽ کليل انسان هو. اسان جي پارٽي هن اڻموٽ ڪامريڊ کي فخر سان سرخ سلام پيش ڪري ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button