دادو: دادو ۾ هڪ ڏينهن اندر مختلف بيمارين ۾ 3 ڄڻا ۽ لوڊر جي ٽڪر ۾ هڪ معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي، خبر موجب دادو ڀرسان مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد انڊس هائي وي تي ميهڙ واسي ٻوڏ متاثر خاندان جي نينگري رشيده ڌي طالب کوسو کي لوڊر رڪشا ٽڪر هنيو، جيڪا زخمي ٿي پئي، زخمي نينگري کي سول اسپتال دادو آندو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي، مخدوم بلاول پوليس لوڊر رڪشا ڊرائيور يعقوب سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو آهي،
فوتي نينگري جي وارثن موجب ٻوڏ متاثر آهيون انڊس هائي وي تي خيما هڻي سندن خاندان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٻارڙي پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃي رهي هئي ته تيز رفتار لوڊر رڪشا نينگري کي ٽڪر هنيو، جنهن ۾ هو فوت ٿي وئي، هوڏانهن ھڪ ڏينھن اندر مليريا ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ضلعي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 75 ٿي ويو، ٻڏي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 41 ٿي ويو آهي، سول اسپتال دادو ۾ 17 ورهين جي ناري عابدہ ڌي اڪبر نائچ مليريا ۾ فوت ٿي وئي، ڳوٺ ٻوڪ واسي نوجوان زاهد پٽ شبير لنڊ به مليريا ۾ فوت ٿي ويو، دادو شهر جي مزدور آباد محلا جي رهواسڻ شادي شده ناري مليريا وبا ۾ فوت ٿي وئي آهي.