بچا واري وفاقي وزير خواجا آصف به مسلم ليگ (ن) سربراهه نواز شريف جي وطن واپسي واري فيصلي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته مريم نواز جي باعزت بري ٿيڻ بعد هاڻي نواز شريف به جلد واپس ايندو پر کيس احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پارٽي سربراهه جي واپسي کان اڳ پنجاب ۾ حڪومتي تبديلي ضروري آهي. خبر موجب دفاع واري وزير خواجا آصف لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ ايون فيلڊ ڪيس ۾ مريم نواز جي بري ٿيڻ تي مبارڪون پڻ پيش ڪيون. ٻئي طرف خانگي ٽي وي چئنل سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ خواجا آصف چيو ته نواز شريف جي وطن واپسي کان اڳ پنجاب ۾ تبديلي آڻڻ جي پوزيشن ۾ هونداسين، اسان جي ڪوشش آهي ۽ جاري رهندي، هو پنجاب ۾ ڪهڙي ڏيڍ 200 جي اڪثريت وٺي ويٺا آهن، هنن وٽ ستن اٺن ميمبرن جي اڪثريت ئي ته آهي. نئين آرمي چيف جي مقرري بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اڃا 2 مهينا پيا آهن، تاريخ جو فيصلو اهو ئي آهي ته 4 آرمي چيف نواز شريف مقرر ڪيا هئا ۽ هاڻي پنجون آرمي چيف نواز شريف جو ڀا مقرر ڪرڻ وڃي رهيو آهي، آرمي چيف جي مقرري ۾ اتفاق را ڪٿان آيو؟ اهو ڪنهن آئين ۽ قانون ۾ ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close