پاڪستانسنڌ

پيرڳوٺ ۾ پوليس ۽ بااثرن خلاف ڳوٺاڻن جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

پيرڳوٺ: پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ علي بخش ڪانهر جي رهواسين پوليس ۽ برادري جي بااثرن جي زيادتين خلاف پيرڳوٺ بهار لاڙڪ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مشتاق ڪانهر، اعجاز، سرفراز، اطهر ڪانهر ۽ ٻين چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ برادري جي بااثرن سعيد ڪانهر، شڪيل، صفر، الهداد ڪانهر، قدير ڪانهر ۽ ٻين اسان جي گهر تي حملو ڪري ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ اسان جي 3 ڄڻن کي زخمي ڪيو هو، جڏهن ته پنهنجن ئي ماڻهن جي فائرنگ ۾ سعيد ڪانهر زخمي ٿي پيو هو، پر پوليس بااثرن جي چرچ تي اسان خلاف ڪيس داخل ڪري رهي آهي، بااثرن اسان جي 8 انبن جا وڻ به وڍي ڇڏيا آهن. هنن آ جي سنڌ ۽ ڊي آ جي کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button