پاڪستانسنڌ

هڱورجا ۽ ڀرپاسي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، قومي شاهراهه تي ڌرڻو

هڱورجا: هڱورجا، رسول آباد ۽ يوسي سيٺارجا بالا جي مختلف ڳوٺن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف امير علي خاصخيلي، پرويز لاشاري، ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي، خدا بخش سهتو، عزيز ميمڻ، عباس راڄپر، ڪانڊيرو خان سهتو ۽ ٻين سخي ناصر شاهه گيٽ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته هڱورجا، رسول آباد ۽ سيٺارجا جا سئو ڳوٺن ۾ 4 کان 8 فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آهي، هڪ ڊزن ماڻھو فوت ٿي چڪا آھن ۽ پر برسات متاثرن جي ڪابه واهر نه ٿي آھي، اسان جي سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ برساتي پاڻي سبب مختلف بيمارين به منهن ڪڍيو آهي، اسان کي سرڪاري راشن جي ضرورت ناهي، بس اسان جي گهرن مان ٻاهر نيڪال ڪيو وڃي، جيستائين پاڻي نيڪال نه ٿيندو تيستائين احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button