عوامي ورڪرز پارٽي جو مرڪزي صدر ۽ ترقي پسند پورهيت اڳواڻ يوسف مستي خان جگر جي ڪينسر سبب 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻُو ڪري ويو آهي. مرحوم جي جنازي نماز ڪراچي ۾ ادا ڪري پارٽي جي ڳاڙهي ۽ اڇي جهنڊي سان تدفين ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سياستدانن، عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن، سوين ڪارڪنن، وڪيلن، ٽريڊ يونين اڳواڻن، ڪسان تحريڪ جي اڳواڻن سميت مرحوم جي مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي. عوامي ورڪرز پارٽي جي باني صدر عابد حسين منٽو، سينيئر نائب صدر اختر حسين، نائب صدر شهاب خٽڪ، عبدالله صافي، جنرل سيڪريٽري بخشل ٿلهو ۽ ٻين اڳواڻن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ترقي پسند انقلابي اڳواڻ يوسف مستي خان ڪراچي ۾ ڄائو، هن سڄي ڄمار جدوجهد ڪندي گذاري، لياري ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتان 2 ڀيرا اليڪشن پڻ وڙهيو. هن ڪراچي ۾ مزدورن لا وڏي جدوجهد ڪئي ۽ بلوچن جي تحريڪ ۾ پڻ سرگرم رهيو. هنن چيو ته يوسف مستي خان ڪراچي ۾ زمينن تي قبضن خلاف پڻ ڀرپور آواز اٿاريو، هن سياسي زندگي جو وڏو عرصو بلوچ ترقي پسند اڳواڻ غوث بخش بزنجو سان گڏجي گذاريو، 1973 ۾ آئيني معاهدي تي صحيحون ڪرڻ ۽ نعپ حڪومت جي برطرفي دوران حيدرآباد سازش ڪيس ۾ پڻ مير غوث بخش بزنجو سان گڏ رهيو. غوث بخش بزنجو جي وفات بعد صدارت کيس ورثي ۾ ملي ۽ هو وڏي عرصي تائين پارٽي جو سربراهه رهيو. جنهن بعد عابد حسن منٽو، اختر حسين ۽ ٻين کاٻي ڌر جي اڳواڻن سان ويجهو رهيو. جنهن 1999 ۾ نيشنل ورڪرز پارٽي جو بنياد رکيو. هنن چيو ته يوسف مستي خان نسلي، قومي ۽ طبقاتي جبر خلاف وڏي جدوجهد ڪئي، عوامي ورڪرز پارٽي جي تشڪيل وقت مرڪزي اڳواڻ طور شامل هو، سنڌ جو صدر، وفاقي سينيئر نائب صدر ۽ آخر ۾ مرڪزي صدر ٿي رهيو. جگر جي ڪينسر جي بيماري هجڻ باوجود هن گوادر ۾ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. يوسف مستي خان هلندڙ سال يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي قيام جي صدارت ڪئي. هن جگر جي بيماري سان وڙهندي آخري مهينن ۾ ڪيموٿراپي ڪرائڻ بند ڪئي هئي. هن پوئينرن ۾ 3 پٽ، 3 نياڻيون ۽ هزارين دوست، ساٿي ۽ پارٽي جا ورڪر سوڳوار ڇڏيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close