مدئجي ويجهو ڳاهيجا بس اسٽاپ وٽ گاڏي جي ٽڪر ۾ ڳوٺاڻو فوت ٿي ويو، وارثن لاش سکر-لاڙڪاڻي روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ڳاهيجا بس اسٽاپ سکر لاڙڪاڻو روڊ تي نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ مڇي مارڻ لا ويندڙ ڳاهيجا واسي سائيڪل سوار 40 ورهين جو نوجوان مولا بخش ميراڻي فوت ٿي ويو. اطلاع تي نوجوان جا وارث واقعي واري هنڌ پهتا جتي وارثن نوجوان جي لاش سميت ڳاهيجا بس اسٽاپ سکر لاڙڪاڻو مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، ٻنهي روڊ پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي زاهد ميراڻي، وحيد، شاهد، راهب ميراڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته صبح سوير نوجوان مڇي مارڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته نامعلوم گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو, هنن چيو ته ڳاهيجا پوليس چوڪي ڀرسان هجڻ باوجود پوليس گاڏي ناهي پڪڙي سگهي. هنن چيو ته هي واقعو هڪ ناهي ٿيو هتي اڳ به ساڳئي طرح جا حادثا پيش آيا آهن جن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيا آهن پر پوليس هن مهل تائين انهن گاڏين جو پتو ناهي لڳائي سگهي. هنن چيو ته صبح سوير مرغي واري گاڏي تيز رفتاري سان ويندي آهي اسان کي شڪ آهي ته ان جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو آهي. هنن ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو چيو ته نوٽيس وٺي گاڏي جو پتو لڳرائي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ٽن ڪلاڪن بعد ايس ايڇ او ڳاهيجا طالب ميمڻ احتجاج واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري کين انصاف جي خاطري ڪرائي روڊ کولرائي ٽرئفڪ بحال ڪرائي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close