عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ اٽو مهانگو وڪرو ٿيڻ خلاف ايس يو پي جي ڪارڪنن ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب ٻاهران لڳايل ڪئمپ تي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي ضلعي صدر حاجي ساند، امان الله سمون، ڪامريڊ مهر علي سمون، گل بجير، ساحل ساند ۽ ٻين چيو ته اٽي جي سرڪاري اگهه تي فراهمي، وڌندڙ بدامني، منشيات جي روڪٿام ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي توڙي ڳوٺن مان بيٺل پاڻي جي نيڪالي ۽ آبادگارن جي زرعي قرضن جي معطلي تائين احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن احتجاج ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن به شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close