سرهاڙي: سرھاڙي لڳ يوسي حسن جمالي جي مختلف ڳوٺن مان برساتي گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ شير خان جمالي ۽ آس پاس جي ڳوٺن مان هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف متاثر ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي پ پ جي چونڊيل نمائندن ۽ تعلقي سڪرنڊ انتظاميا خلاف نعربيازي ڪئي. ان موقعي ته متاثر ڳوٺاڻا ذوالفقار علي جمالي، جميل جمالي، محبوب علي جمالي، ارشاد جمالي، محمد سليم جمالي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته برسات بيٺي هڪ مهيني کان مٿي عرصو گذري ويو آهي، پر پ پ جي چونڊيل نمائندن ۽ تعلقي سڪرنڊ جي انتظاميا اسان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي ڪنهن به هن وقت تائين واهر نه ڪئي آهي، نه ئي برساتي پاڻي نيڪال ٿي سگهيو آهي، پ پ جا چونڊيل نمائندا رات جي وقت من پسندن کي راشن اوطاقن تي گهرائي ڏين پيا، اسان هنن وٽان وڃون ٿا ته اسان کي ڌڪا ڏئي سکڻو موٽائي ٿا ڇڏين. پاڻي بيهڻ سبب اسان جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، اسان کليل آسمان هيٺ ٻارن سميت دربدر آهيون. ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ ايم اين اي غلام مصطفى شاھه سميت پ پ قيادت اسان وٽ لڙي به ناهي آئي، اسان جي گهرن ۽ رستن تي 4 فوٽ کان وڌيڪ پاڻي بيٺل آهي. هنن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته چونڊيل نمائندن ۽ تعلقي انتظاميا خلاف نوٽيس وٺي اسان جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي واهر ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close