جهڏو: جهڏو جي يوسي گنيرو ۾ جسڪاڻي سم نالي کي ڳوٺ کٻڙ خان نوحاڻي وٽان هڪ ڪلوميٽر تائين پيل گهارو 45 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻڌجي نه سگهيو آهي، جنھن سبب 35 کان وڌيڪ ڳوٺن سائين عبدالرحمان شاهه، شهداد هوت، اڪرم هوت، درمحمد چانگ، غلام محمد کوسو، گل محمد چانگ ۽ ٻيا پاڻي هيٺ اچڻ ڪري سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي تباهه ٿي ويو آهي، پر اختيارين متاثرن جي مدد ۽ گهارو بند ڪرڻ لا ڪي به اپا ناهن ورتا. ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن محمد اسماعيل نوحاڻي، گل محمد چانگ، نور حسن هوت، محمد حنيف چانگ، مرتضى جٽ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪري ضلعي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته جسڪاڻي سم نالو غلط ڊزائين تحت ٺاهيو ويو آهي، جنهن اسان جي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، 45 ڏينهن پهرين لڳل گهارو انتظاميا اڃان تائين بند نه ڪرايو آهي، گهاري کي ٻڌڻ لاءِ اڃان تائين ڪو به عملو نه پهتو آهي، جنھن سبب اسان جا ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي تباهه ٿي ويا آهن، هزارين ماڻهو بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، متاثرن جي سرڪاري طور ڪا به واهر نه ٿي سگهي آهي. هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گهارو بند ڪرائي علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close