نوان جتوئي: گذريل ڏينهن نوان جتوئي ٿاڻي جي حد ۾ ٻن شاگردن جواد جتوئي ۽ رسول بخش قمبراڻي کان ڦر خلاف اُستادن نجب الدين جتوئي، غلام شبير ڀٽي، عبدالجبار کوسو، ارشاد علي مشوري، جسم خالق جوڻيجو جي مرڪزي اڳواڻ ھاشم کوسو، جسقم جي حبيب خاصخيلي سميت سياسي سماجي اڳواڻن نوان ھائير سيڪنڊري اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي مين روڊ تي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نوان جتوئي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي آھي، بدامني سبب روز شهري ڦرجي رھيا آھن، ھاڻي شاگردن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو آھي، جنهن مستقبل جي معمارن جي تعليم متاثرن ٿيڻ جو خدشو آھي. هنن آ جي، ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close