نوابشاھه: ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي نوابشاھه ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو سان سندس چاچي جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد سندس رھائشگاھه تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته حڪمرانن پلاننگ سان سنڌ کي ٻوڙايو آھي، پنھنجا عالمي قرض معاف ڪرائڻ ۽ سڄي دنيا کان امداد وٺڻ لاءِ اھا قرباني سنڌ کي ادا ڪرڻي پئجي وئي آهي، حڪومت برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ برساتي نالو ٺاھي نه سگھي آهي، ان کي حڪومت ڪرڻ جو ڪوبه حق ناھي، ڏيڍ مھينو گذري ويو آھي، پر اڃا تائين ماڻھو روڊن جي ڪپرن تي ويٺا آھن، سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو دربدر ڪيا ويا پر ھاڻي ته سنجيدگي سان ڳوٺن جو پاڻي نيڪال ڪرائين، اڃا تائين پاڻي جا جيڪي قدرتي لنگھه آھن، اھي بند آھن بدين ۾ ماڻھو گڏ ٿيا ته پراڻ ندي کوليو ته حڪومت پنھنجا حمايتي ماڻھو ويھاريا، جن چيو ته پراڻ ندي نه کوليو، حڪومت سنڌ ۾ مصيبت پيدا ڪري قبيلائي جھيڙا ڪرائڻ جي شروعات ڪئي آهي. ھن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ ۾ قومپرستن جو پارلياماني اتحاد چاھيون ٿا، سنڌ ۾ راڄن ڀاڳن جي چڱن مڙسن سان ملي ڪري اتحاد ٺاھيون، جيڪو جاگيردار نظام جي خلاف وطن پرست ھجي، اھڙي اتحاد جو جلد باضابطا اعلان ٿيندو. ھن چيو ته سال 2010 کان 2022 تائين جيڪا ٻوڏ آئي، 12 سالن ۾ آبپاشي کاتي کي ڪيترا پئسا مليا، ڪيتريون موريون ٺھيون ۽ سم نالن جي کاٽي ٿي، ان حوالي سان ها ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي، ڪراچي سنڌين جو شھر آھي، پر اڃا تائين ڪابل، قنڌهار، بنگال، برما ۽ ھندستان جا ماڻھو مسلسل اچي رھيا آھن، ڪراچي ۾ بينظير ڀٽو جي نالي تي بينظير ٽائون ٺاھي اتي ٻهراڙي جي برسات ستايل ماڻھو آباد ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close