مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جي امڪاني ڏيهه واپسي تي سندس ڀرپور استقبال لا پنجاب ۾ پارٽي طرفان تياريون شروع ٿي ويون آهن. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف لنڊن ۾ پنهنجي وڪيلن ۽ پاڪستان ۾ موجود قانوني ٽيم سان صلاح مشورو وڌائي ڇڏيو آهي، وڪيل اسحاق ڊار جي ڪيس جيان نواز شريف جو مضبوط ڪيس تيار ڪندا، جڏهن ته نواز شريف جي تقريرن کي نشر ۽ شايع ڪرڻ تي لڳل پابندي هٽائڻ لا به عدالت سان رجوع ڪيو ويندو. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف عدالتي حڪم جي روشني ۾ وطن واپسي جو فيصلو ڪندو، ان سلسلي نواز ليگ طرفان پنجاب ۾ پنهنجي پارٽي سربراهه جي بيمثال استقبال جون هدايتون ڪيون ويون آهن، نواز شريف جي اچڻ کان اڳ مريم نواز جي لنڊن روانگي جا امڪان آهن، هو لاهور هائيڪورٽ مان پاسپورٽ ملڻ جي صورت ۾ لنڊن ويندي ۽ پو مريم نواز توڙي ٻيا پارٽي اڳواڻ برطانيا مان نواز شريف سان گڏجي پاڪستان واپس ايندا. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف ڏيهه واپس اچڻ بعد ماڊل ٽائون ۾ پارٽي سيڪريٽريٽ کي پنهنجي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻائيندو ۽ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي جي معاملن جي نگراني به ڪندو. ذريعن موجب نواز شريف جي واپسي اسلام آباد ۾ ٿيندي يا لاهور، ان بابت هو پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشوري بعد حتمي فيصلو ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close