تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جڏهن ملڪ لٽجندو هجي ڇا تڏهن به محافظ ائين چئي سگهي ٿو ته مان نيوٽرل آهيان، ڪير به ائين چوي ته هو غير سياسي آهي ته پو ان ۾ ۽ جانور ۾ ڪو فرق ناهي. پشاور جي ايڊورڊس ڪاليج ۾ جلسي دوران شاگردن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ جا وڏا چور ۽ ڌاڙيل پئسو چوري ڪري ٻاهر کڻي ويا ۽ کين اين آر او ڏنو ويو، مريم نواز ملڪيت بابت سوال پڇڻ تي چيو ته لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به سندس ڪا پراپرٽي ناهي، 1100 ارب رپيا جيڪي هن قوم جا چوري ٿيا اهي هاڻي معاف ٿي رهيا آهن، اهو پئسو ڪجهه ماڻهن جي کيسن ۾ ويندو، ٻئي طرف قوم بدترين مهانگائي ۽ قرضن ۾ ٻڏي رهي آهي، انسانن جي معاشري ۾ ته ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي هوندو پر جانورن جي معاشري ۾ انصاف ۽ قانون ناهي هوندو. ملڪ جي محافظن کان سوال پڇان ٿو ته جيڪڏهن ڌاڙيل ملڪ کي لٽي رهيا هجن ته ڇا چوڪيدار چئي سگهي ٿو ته مان نيوٽرل آهيان؟ پاڪستان لٽيو پيو وڃي ۽ هو چون ٿا اسان نيوٽرل آهيون، ڇا نيوٽرل جو اهو ڪم آهي ته ميڊيا کي بند ڪري ڇڏي. عمران خان وڌيڪ چيو ته سڄي قوم کي جڏهن سڏ ڏيندس ته پو اسان جي واپسي نه ٿي سگهندي، مون کي جيل وڃڻ جو ڊپ ناهي، اڪيلي سر نڪرڻو پيو ته به نڪرندس پر هنن چورن ۽ ڌاڙيلن کي هرگز قبول نه ڪندس، مهذب معاشري ۽ ظلم واري معاشري ۾ فرق صرف انصاف جو هوندو آهي، جڏهن کان امپورٽيڊ حڪومت آئي آهي، رپيو 33 سيڪڙو ڪري پيو آهي، هاڻي صورتحال اها آهي ته نه قومي وسيلا محفوظ آهن ۽ نه ئي حساس معلومات، سڀ ڪجهه دا تي لڳي چڪو آهي، پاڪستان کي لٽيو پيو وڃي ۽ هي چون ٿا ته اسان غير جانبدار آهيون، اهو ڪم غير جانبدارن جو آهي، جيڪڏهن توهان کي سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چئنل بند ڪرڻا آهن ته پو ملڪ جي مفاد جو تحفظ ڪير ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close