پاڪستان

عوام کي رليف، حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه 12- 12 رپيا في ليٽر گهٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت ڪيترن ئي مهينن بعد عوام کي تيل جي اگهن ۾ رليف ڏئي ڇڏيو، پيٽرول 12 رپيا 63 پئسا في ليٽر سستو ٿي ويو، جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ 12 رپيا 13 پئسا في لٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي. ناڻي جي نئين وفاقي وزير اسحاق ڊار عهدو سنڀالڻ بعد اسلام آباد ۾ پهرين پريس ڪانفرنس ڪندي عوام کي تيل جي اگهن ۾ لاٿ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي. اسحاق ڊار چيو ته پيٽرول 12 رپيا 63 پئسا في ليٽر سستو ڪري رهيا آهيون، جنهن بعد هاڻي پيٽرول جو نئون اگهه 224 رپيا 80 پيسا في ليٽر هوندو، گاسليٽ جي اگهه ۾ 10 رپيا 19 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي، هائي اسپيڊ ڊيزل 12 رپيا 13 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 10 رپيا 78 پيسا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته گاسليٽ هاڻي 202 رپيا 2 پئسن بدران 191 رپيا 83 پئسا في لٽر ۾ وڪرو ٿيندو، لائيٽ ڊيزل جو اگهه 10 رپيا 78 پئسا گهٽتائي بعد 186 رپيا 50 پئسا ٿي ويندو، جڏهن ته ها اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 247 رپيا 43 پئسن مان گهٽجي 235 رپيا 30 پئسا ٿي وئي آهي، پيٽروليم اسمن جا نوان اگهه رات 12 وڳي کان ئي ايندڙ 15 ڏينهن تائين لاڳو ٿي ويا آهن. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته 30 سيپٽمبر تي پهرين ٽه ماهي ختم ٿي آهي، جڏهن ته مون گذريل ڏينهن ايف بي آر جو دورو ڪيو هو، ان جا ڪجهه تفصيل به ٻڌائيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button