سنڌ

وڏي وزير جو مرتضيٰ وهاب جي استعيفا قبولڻ کان انڪار، ايڊمنسٽريٽر طور ڪم جاري رکڻ جي هدايت

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪندڙ مرتضيٰ وهاب جي استعيفا قبولڻ کان انڪار ڪندي کيس ايڊمنسٽريٽر ڪراچي طور ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان مرتضيٰ وهاب کي چيو ويو آهي ته عهدو پارٽي طرفان ڏنو ويو، تنهن ڪري آئون استعيفا قبول نٿو ڪري سگهان. وزيراعليٰ طرفان مرتضيٰ وهاب کي سومر کان ڪي ايم سي آفيس باضابطا طور جوائن ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته مرتضيٰ وهاب 26 سيپٽمبر تي سنڌ هائيڪورٽ طرفان بجلي بلن ۾ ڪي ايم سي کان ٽيڪس وصول نه ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ بعد عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button