پاڪستانسنڌ

گهر موٽندڙ ٻوڏ متاثرن کي ٽرانسپورٽ ۽ راشن ڏنو پيو وڃي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 68900 خاندانن کي راشن بيگز فراهم ڪيا ويا آهن، مجموعي طور تي ھيل تائين 1144801 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آهن . صوبائي وزير پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ متاثرن کي 8228 خيما، 26741 ترپال، 8500 مڇردانيون، 4000 سولر لائٽون پڻ ڏنيون ويون آهن . هيل تائين مجموعي طور متاثرن کي 379131 خيما، 404684 ترپال ، 2760237 مڇردانيون، 782388 ليٽر منرل واٽر، 62837 جيري ڪينس، 14005 بيڊ شيٽس، 7000 فرسٽ ايڊ ڪٽس، 96469 سليپنگ ميٽس، 52266 ڪچن سيٽس ۽ ٻيو سامان مهيا ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جي تباهه ڪارين سبب 759 ماڻهن جون قيمتي حياتيون ضايع ٿيون، جڏهن ته 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، ھن چيو تہ 434238 جانور پڻ ٻوڏ ۽ برساتن جي ڪري مري چڪا آهن.

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ڊويزن ۾ 16128 متاثر رليف ڪيمپن ۾ ترسيل آهن، حيدرآباد ڊويزن ۾ 80122 ، سکر ڊويزن ۾ 50624 ، شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 56164 ، لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ 135945 ، جڏهن ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ 20097 متاثر رليف ڪيمپن/ ٽينٽ سٽيز ۾ ترسيل آهن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن جي گهرن ڏانهن واپسي جو سلسلو جاري آهي، ضلعي انتظاميا پاران رليف ڪيمپن مان گهرن ڏانهن ويندڙ متاثرن کي ٽرانسپورٽ ۽ راشن فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد 62 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ خارج 46 هزار 700 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 45 هزار ڪيوسڪ ۽ اخراج 33 هزار 900 ڪيوسڪ آهي، ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد 1 لک 44 هزار 700 ڪيوسڪ، جڏهن ته ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ پاڻي جو وهڪرو 1 لک 13 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button